جاڳو سنڌي

هي سائيٽ مقصود احمد ڀٽو جي آهي






اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.

‏سَائِين سَدائِين، ڪَرِين مَٿي سِنڌ سُڪار؛
دوست مِٺا دِلدار، عالم سڀ آباد ڪَرِين.